اسلام آبا??-05 ??يپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي. گذ??يل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروسز ايرياز ۾ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جي معاملي تي آسيه ناز تنولي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وفاقي وزير عبدالعليم خان ايوان کي ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته انهن ايرياز ۾ اگهه وڌيڪ آهن، پرائيس چيڪنگ اختيار ضلعي ۽ صوبائي انتظاميه جو آهي، وز??رت ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان چيڪنگ پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته سروسز ايرياز ۾ شين جا اگهه ۽ معيار معمول موجب هجي ۽ ان حوالي سان قدم کنيا ويندا. زهره ودود فاطمي جي سوال تي هن چيو ته چيڪنگ جا اختيار مقامي ميجسٽريٽ وٽ هوندا آهن، جيڪڏهن انهن ايرياز ۾ معيار موجب شيون نه هونديون ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اگهن کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير چيو ته انهن ايرياز ۾ هاڻي برانڊز پنهنجا آئوٽ ليٽس ک??لي?? آهن، ابرابر احمد جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضلعي انتظاميه سميت وز??رت پڻ چيڪنگ جي حوالي سان هڪ طريقيڪار تيار ڪندي، هن چيو ته جي ٽي روڊ جي حالت صحيح ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری