اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اخبارن سميت ڄاڻ جا ذريعا معلومات جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪري رهيا آهن، هي اهي ذريعا آهن جيڪي شهرين کي مستند ۽ اعتماد جوڳي معلومات پهچائڻ ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪن ٿا. ارب?? ڏينهن اخبار پڙهڻ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي، صحافي ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته درست ۽ ??قي??تن تي ٻڌل خبرون معاشري ۾ سچائي، امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪن ٿا. پارليامينٽ هميشه آزاد ۽ ذميواراڻي صحافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ قانون??از?? ڪئي آ??ي. ??خبارون ڊجيٽل ميڊيا جي دور ۾ جعلي خبرن جي روڪٿام ۽ ??قي??تن تي ٻڌل معلومات جي فراهمي جو هڪ اهم ذريعو آهن. هن چيو ته اخبارون سياسي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ شهرين کي سندن بنيادي حقن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪري رهيون آهن. اخباري صنعت جي ترقي ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پنهنجي ذميوارين کي آئين ۽ قانون موجب بهترين انداز ۾ ادا ڪريون.
ميڊيا معلومات جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria