اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هرنائي ۾ ڪالعدم بي ايل اي خلاف ڪامياب ڳجهي آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز ??ي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ۽ سندن سهولتڪار ڌرتي تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان هن ڌرتي تا?? دهشتگردن کي ختم ڪنداسين.اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته س??ڪيورٽي فورسز ??ي ڪامياب آپريشن ڪري دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. هن چيو ته س??ڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن تي ناز آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa