اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويج??و ڌماڪي جي مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ 2 چيني شهرين جي مارج?? تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ڪالهه پنهنجي تعزيتي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته چيني شهرين جي ڏکويل خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. ڏُک جي گهڙيءَ ۾ چيني شهرين جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿ??. ان افسوسناڪ واقعي جا ذميوار قانون جي پڪڙ کان نٿا بچي سگهن. بزدل دشمن پاڪ- چين دوستي کي نقصان پهچا??ڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون