اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان ترڪمانستان ج?? وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن وار?? وزير راشد مريدوف اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور ??ي واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ ترڪمانستان جي خاص مهمان طور شرڪت جي آجيان ڪند?? وزيراعظم محمد ش??باز شريف ترڪمانستان سان پاڪستان جي پراڻي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو.
ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪند?? وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڌرين پاران ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور ??ي واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. راشد مريدوف شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان کي مبارڪباد ??ني ۽ ترڪمانستان جي قيادت پاران وزيراعظم محمد ش??باز شريف کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن پاڪستان ترڪمانستان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ ويجها بڻ??ئڻ جي لاءِ ترڪمانستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو.