اسلام آباد- 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن اڱاري 10 ڊسمبر تي ملهايو ويندو. اهو ڏينهن انساني حقن جي عالمي پڌرائي (يو اين ايچ آر) جي سالگره جي موقعي تي ملهايو ويندو آهي. ان تاريخي دستاويز ۾ نسل، رنگ، مذهب، جنس، ٻولي، سياسي يا ٻي راءِ، قومي يا سماجي حقيقت، ملڪيت، پيدائش يا ٻي ح??ثي?? کي هڪ پاسي رکندي انهن حقن کي شامل ڪيو ويو آهي ??ن جو هر شخص انسان طور حقدار آهي. هلندڙ سال انساني حقن جي ڏينهن 2024ع ??و موضوع ”اسانجا حق، اسانجو مستقب??“ ??ونڊيو ويو آهي. انساني حقن جو ڏينهن 2024ع ٻارن، نوجوانن وچ ۾ انساني حقن، تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي ٿو جيڪو ننڍي عمر کان ئي برابري، انصاف ۽ وقار جي قدرن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. ان ڏينهن جو اعلان 10 ڊسمبر 1948ع تي پيرس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪيو هو ۽ ان ۾ پهريون ڀيرو بنيادي انساني حقن جو عالمي طور تي تحفظ ڪيو ويو هو. انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ عير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون وينديون.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر تي ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر