اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاراچنار ۾ دوائن جي کوٽ جي حو??لي سان فوري قدم کڻڻ ۽ دوائون پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته وفاقي ڪابينا ڪوڊ آف ڪريمنل پروسيجر ترميمي بل 2024ع کي پارليامينٽ موڪلڻ ۽ نيشنل رجسٽريشن ا??نڊ بائيوميٽرڪ پاليسي فريم ورڪ 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت واري وفاقي وزارت ۽ وفاقي گهرو وزارت کي پاراچنار ۾ دوائن جي کوٽ جي حو??لي سان فوري قدم کڻڻ ۽ ان حو??لي سان خيبرپختونخواهه حڪومت سان رابطو ڪر?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم صحت واري وفاقي وزارت کي پاراچنار ۾ دوائن جي کوٽ فوري طور تي ختم ڪر?? جي هدايت ڪئي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ڪوڊ آف ڪريمنل پروسيجر ترميمي بل منظور ڪري ورتو. ان ترميمي بل کي منظوري جي لاءِ پارليامينٽ موڪليو ويندو. ڪريمنل پروسيجر ترميمي بل ۾ انهن ترميمن تحت ايف آءِ آر داخل ڪر?? جي نظام کي آسان بڻايو ويو آهي. جوابدار کان جاچ جي لاءِ پوليس آفيسر جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اوزار ۽ فارنزڪ طريقيڪار جو استعمال ڪري سگهندو. انهن ترميمن تحت گواهن جا آڊيو – وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائي سگهبا. وڌيڪ اهو ته ترميمي بل ۾ جاچ دوران پراسيڪيوٽر جي ڪردار کي مضبوط ڪر?? جي حو??لي سان شقون شامل ڪيون ويون آهن. پراسيڪيوٽر پوليس رپورٽ ۾ ڪنهن به کوٽ ۽ نقص جي نشاندهي ڪري سگهندو. انهن ترميمن تحت عورتون، 12 سالن کان گهٽ ۽ 70 سالن کان وڌيڪ مرد، جسماني ۽ ذهني معذوري جو شڪار ماڻهو پنهنجي سهولت جي جڳهه تي بيان رڪارڊ ڪرائي سگهندا. انهن ترميمن تحت ٽرائل ڪورٽ ڪيس جو فيصلو هڪ سال جي اندر ڪندي ۽ دير جي صورت ۾ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ کان جوابدهي ٿيندي. وڌيڪ اهو ته اپيليٽ ڪورٽ ڪنهن به اپيل تي 6 مهينن کان هڪ سال جي اندر فيصلو ٻڌائڻ جي پابندي هوندي. ان کانسواءِ پوليس جاچ ۾ بيگناهي ۽ ڊسچارج رپورٽ جي تياري جي صورت ۾ جوابدار ضمانت جو حقدار هوندو. وفاقي ڪابينا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران وفاقي وزارتن ڊويزنز ۾ اي – آفيس لاڳو ڪر?? جي حو??لي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي 18 ڊويزنز ۾ اي – آفيس جو 100 سيڪڙو لاڳو ٿي چڪو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت ۾ اي – آفيس تي ان وڏي پئماني تي ڪم ڪيو ويو جيڪو پيپرليس اڪانومي طرف هڪ وڏو قدم آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن ا?? – آفيس جو لاڳو ڪلي طور تي ڪيو وڃي ته ان سان اسٽيشنري ۽ پيٽرول جي بچت جي مد ۾ 230 ملين رپين تائين جي بچت جو امڪان آهي. وزيراعظم ان حو??لي سان ا??فارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي عملدارن کي ساراهيندي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم انهن سمورين ڊويزنز جي وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جتي اي – آفيس جو 100 سيڪڙو لاڳو ٿي چڪو آهي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي نيشنل رجسٽريشن ا??نڊ بائيوميٽرڪ پاليسي فريم ورڪ 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي انٽيليڪچوئل پراپرٽي ٽربيونل ڪوئيٽا قائم ڪر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي 20 ڊسمبر 2018ع جي ثالثي جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي عالمي حل بابت ڪنوينشن جي معاهدن تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ايڇ آر مئنيجر ارباب انس جي نوڪري مان برطرفي خلاف داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا پيٽروليم واري وزارت جي سفارش تي وڏا ڌماڪا ڪندڙ مواد جي تياري جي لائيسنسز جي حو??لي سان ا??ڪسپلوزر رولز 2010ع جي فارم اي ايل 01 ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا توانائي، پاور ڊويزن واري وزارت جي سفارش تي ضلعي اپر ڪوهستان، ضلعي لوئر ڪوهستان ۽ ضلعي ڪولائي پالس ڪوهستان جي پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کان هزاره اليڪٽرڪ پاور ڪمپني منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين ا??مذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي حدن ۾ نڪاح نامي ۾ ختم نبوت جي حلف جي شق شامل ڪر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي ڪابينا سيڪريٽريٽ پاران وفاقي معاملن جي حو??لي سان پرنسپلز آف پاليسي لاڳو ڪر?? جون سال 22 – 2021ع ۽ 23 – 2022ع جون رپورٽون پيش ڪيون ويون. وفاقي ڪابينا کي ڪابينا ڊويزن پاران نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جي ٽن سالن جون رپورٽون پيش ڪيون ويون. اهي رپورٽون هاڻي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏانهن موڪليون وينديون. وفاقي ڪابينا قومي ملڪيتي اداراجات بابت ڪابينا ڪميٽي جي 4 ڊسمبر 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل ف??صلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا انٽر گورنمينٽ ٽرانزيڪشنز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 20 نومبر 2024ع ۽ 21 نومبر 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل ف??صلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، ڪوڊ آف ڪريمنل پروسيجر ترميمي بل 2024ع کي پارليامينٽ موڪلڻ ۽ نيشنل رجسٽريشن اينڊ بائيوميٽرڪ پاليسي فريم ورڪ 2024ع منظور، وزيراعظم جي پاراچنار ۾ دوائن جي کوٽ فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری