گڏيل قومون -24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو اسرائيل فلسطين جنگ جي حوالي سان اجلاس خميس تي ٿيندو. سعودي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي صدر اهڙو اعلان ميمبر ملڪن جي نالي هڪ خط ۾ ڪيو آهي. ??لا??تي ڪائونسل هاڻي تائين جنگ بابت ڪنهن ٺهراءَ تي اتفاق ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي پر عرب ۽ ٻين ملڪن جي هڪ گروپ بشمول اردن، روس، شام، بنگلاديش، ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس سان گ??جاڻي شيڊول ڪرڻ لاءِ باضابطا طور تي درخواست ڪئي آهي. واضح رهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار تي گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل گذريل هفتي هڪ روس جي ٺهراءَ جي مسودي کي رد ڪيو هو جنهن ۾ انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو هو. 15 ميمبر ملڪن مان رڳو 5 ان متن جي حم??يت ڪئي جنهن ۾ شهرين خلاف سموري تشدد ۽ دهشتگردي جي سمورين ڪارروائين جي مذمت ڪئي وئي هئي، جڏهن ته حم??س جو نالو نه ورتو ويو، ان بعد آمريڪا ??رازيل طرفان پيش ڪيل ٻئي ٺهراءَ کي ويٽو ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته متن ۾ اسرائيل جي پنهنجي دفاع جي حق جو ذڪر نه هو. ڪائونسل جي 15 مان 12 ميمبرن ان ٺهراءَ جي حم??يت ۾ ووٽ ڏنو جنهن ۾ هماس حملن جي پڻ مذمت ڪئي هئي. جڏهن ته روس ۽ برطانيه ان ۾ حصو ورتو. ??لا??تي ڪائونسل خميس ڏينهن صبح جو جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ اڱاري تي ان مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اجلاس به ڪيو.
اسرائيل فلسطين جنگ بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس خميس تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada