اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان ع??اسي پاڪستان ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي سلسلي ۾ جوهري توانائي جي عالمي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي مثبت ڪردار کي ساراهي?? آهي. وزيراعظم اها ڳالهه جوهري توانائي جي عالمي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل نوڪيا امانو سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران پاڪستان ۽ جوهري توانائي جي عالمي ايجنسي جي وچ ۾ تعاون بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم پاڪستان ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي سلسلي ۾ جوهري توانائي جي عالمي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي مثبت ڪردار کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام