گوادر – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گوادر فري زون جي پهرين في?? جو افتتاح ڪري ڇڏيو جيڪو پاڪ چين اقتصادي راهداري جو اهم منصوبو آهي، وزيراعظ?? فري زون جو افتتاح هڪ خصوصي تقريب جي دوران ڪيو جيڪا گوادر پورٽ سٽي ۾ منعقد ٿي، تقريب ۾ چيني حڪومت ۽ علائقائي رياستن جي نمائندن به شرڪت ڪئي، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سردار مسعود خان، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، گهرو وزير احسن اقبال، ميري ٽائيم افيئر?? جو وزير مير حاصل بزنجو، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خصوصي مددگار مصدق ملڪ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، چيئرمين چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني زانگ بائو زونگ، چيئرمين گوادر پورٽ اٿارٽي دوستين خان جمالديني، پاڪست??ن ۾ چين جي سفير زائو جنگ ۽ پاڪست??ن ۾ چين جي 93 کان وڌيڪ وڏين ڪمپنين جي نمائندن ۽ سيڙپڪارن شرڪت ڪئي
وزيراعظم پاران گوادر فري زون جي پهرين فيز جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب