اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي تي عمل ڪندي تصديق ٿيل ۽ وقت سر خ??ر عوام تائين پهچائڻ ۽ غيرتصديق ٿيل خبرن جو خاتمو ڪرڻ مهذب، ذميوار ۽ جمهوري معاشري جا قدر آهن ۽ اهڙن ذميوار معاشرن ۾ ميڊيا تي پابنديون ناهن لڳنديون، مختلف يونيورسٽين جي ميڊيا جي شعبن سان واڳيل تعليم يافته نوج??ان ميڊيا جو حصو بڻجي وڃي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پيس ڪوليڪٽو جي اهتمام هيٺ دهشتگردي، انتهاپسندي جي خلاف قومي بيانيو جوڙڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي مختلف يونيورسٽين جي ميڊيا جي شعبن جي شاگردن جي ٽن ڏينهن واري ??رب??تي ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت