اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ چيو آهي ته ڪابينا نواز شريف کي انساني همدردي ۽ قانوني گهرجن کي ??ور?? ڪرڻ تي ٻاهرئين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڌرڻي وارا بند گهٽيءَ ۾ پهچي چڪ?? آهن، سي پيڪ تحت منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو و??ند??، وزيراعظم عمران خان صوبن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ تبديلي جاچڻ جي لاءِ ٺوس طريقيڪار تحت هفتيوار بنيادن تي ر??ور?? فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، معاشي استحڪام کانپوءِ حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، حڪومت مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻ بدران قابل تجديد توانائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪابينا اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏ??ند?? ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته 2018ع جي چونڊن جي شفافيت جي جاچ جي حوالي سان حڪومت جي ڪردار بابت ميڊيا ذريعي ڪجهه حلقن پاران منفي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي.
ڪابينا نواز شريف کي انساني همدردي ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ تي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری