اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سعودي سفير وزيراعظم عم??ان خان کي ولي عهد محمد بن سلمان پاران آڪٽوبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ”مڊل ايس?? گرين انيشي ايٽو“ جي موضوع تي ٿيندڙ سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ باضابطه دعوت ڏني. واضح ره?? ته سعودي ولي عهد پاران م??ل ايس?? گرين انيشي ايٽو جو اعلان هلندڙ سال جي آغاز ۾ ڪيو ويو هو، جيڪو وزيراعظم پاڪستان جي ڪلين ?? گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ما??وليات ۾ تبديلي بابت پنهنجي حڪمت عملي ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ به هڪٻئي سان ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عم??ان خان کي ان سربراهه اجلاس ۾ ڏني ويندڙ دعوت ما??ولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف آهي.
وزيراعظم سان سعودي عرب جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان