اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جي پلانٽ فار پاڪستان وڻڪاري مه?? تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻوٽو لڳايو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ??ه پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي صورت ۾ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، وڌيڪ وڻ هڻي اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ??ه ماحو?? دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجن، ماحو?? دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحو?? دوست قدمن سان کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ??ه عوام وزيراعظم عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مه?? ۾ حصو وٺي وڻ هڻي ۽ ماحو?? دوست رويو ??ختيار ڪري. هن چيو ??ه موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪاربن جو خارج گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ هائوس شمسي توانائي سان بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيو ??هي. سينيٽ چيئرمين چيو ??ه هڪ اندازي موجب هن وقت پاڪستان جي رڳو 5.7 سيڪڙو زمين ٻيلن تي ٻڌل آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وڻ لڳائڻ سان نه رڳو اسان جو ماحول خوبصورت ٿيندو پر وڻ آڪسيجن جو ??هم ذريعو به آهن. صادق سنجراڻي چيو ??ه تعليمي ۽ سماجي ڌرين سميت قومي وڻڪاري مه?? ۾ انفرادي طور تي هر هڪ کي حصو وجهڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان کي سرسبز شاداب بڻائي سگهجي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران 2 سيپٽمبر 2018ع تي 10 بلين ٽري سونامي مه?? شروع ڪئي، پلانٽ فار پاڪستان 5 سالا منصوبي ۾ 2023ع تائين 10 بلين وڻ لڳائڻ جو هدف آهي.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وزيراعظم جي پلانٽ فار پاڪستان وڻڪاري مهم تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻوٽو لڳايو
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais