اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??فاف چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو اس??عم??ل اڻٽر آهي، چونڊن ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان ڳالهه تي ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو اتفاق آهي ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن جن تي سڀني کي اعتماد ۾ هجي، صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ قدمن جي حوا??ي سان ??امقصد نتيجي تي پهچڻ وڌيڪ اهم آهي، پارلياماني جمهوريت ۾ سدائين ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ??ڪومت 16 آڪٽوبر 2020ع تي ريفارمز پيڪيج جو بل پيش ڪيو پر پارلياماني ڪميٽي ۾ ڪنهن مخالف ڌر پارٽي ڪا دلچسپي نه ورتي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي اس??عم??ل جي ڳالهه اچي ٿي ته ان ??ي به مخالف ڌر پارٽيون مشين کي ڏسڻ کانسواءِ ئي رد ڪري ڇڏينديون آهن، ان کانپوءِ سينيٽ ۾ معاملو وڃي ٿو ته ??حث ۽ مباحثي جي نظر ڪيو ويو ۽ بل منظور ڪرڻ جو وقت گذري ويو، هاڻي ان معاملي جي حل لاءِ هڪ ٻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هاڻي اهو معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کنيو ويندو ته ??يئن ڳالهين جي ذريعي سڀني ڌرين جي وچ ۾ اعتماد جي فضا پيدا ٿي سگهي، هن چيو ته ??ڪومت هر ڀيري مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته هو چونڊ سڌارن جي حوا??ي سان پنهنجون تجويزون ڏي، وزيراعظم عمران ??ان پارليامينٽ ۾ بيهي چيو ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجون تجويزون پيش ڪري اسان ??ن کي ڀليڪار چونداسين، مخالف ڌر پارٽين کي گهرجي ته هو چونڊ نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ شفافيت آڻڻ جي حوا??ي سان پنهنجون تجويزون ڏي، هن چيو ته ??ار بار ڌانڌلي جو شور ڪرڻ سان ??رف وقت ضايع ٿيندو، گذريل چونڊن دوران ??قريبن 15 لک ووٽ رد ٿيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي اس??عم??ل سان هڪ ووٽ به رد نه ٿيندو، ان کانسواءِ ووٽ وجهڻ جو پيپر ٽريل به موجود هوندو جنهن کي بعد ۾ چيڪ ڪري سگهجي ٿو، اليڪشن ايڪٽ 2017ع به اي وي ايم جي اس??عم??لو جي اجازت ڏي ٿو، دنيا جي 20 ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جو اس??عم??ل ڪيو پيو وڃي.
شفاف چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ