اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ م گڏيل عقيدي تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن، عالمي سطح تي انهن لاڳاپن کي اهم حيثيت حاصل آهي، سعودي عرب ۽ اسان جا لاڳاپا پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ 1940ع کان قائم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ انهن لاڳاپن نئين سگهه اختيار ڪرڻ شروع ڪيو، شاهه سلمان ريليف فنڊ جي ذريعي فلاحي ڪم ساراهه جوڳا آهن، انٽر ريليف پراجيڪٽ سان غريب طبقو فائدو ??ڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني ۾ ڪنگ سلمان ??يو??نٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽ?? پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، 2005ع جي زلزلي ۾ سعودي عرب 10 ملين ڊالر جو عطيو ڪيو، 09 – 2008ع ۾ ٻوڏ دوران سعودي عرب پاران 170 ملين ڊالر ۽ 2014ع ۾ اڪنامڪ ريليف جي لا??ِ 1.5 ملين ڊالر جو ريليف پئڪج ڏنو ويو، 1960ع کان سعودي عرب پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊونر ملڪ آهي. سعودي عرب 38 ملين ڊالر ڊيزاسٽر ريليف جي لا??ِ فراهم ڪيا، هائوسنگ منصوبي جي لا??ِ 55 ملين ڊالر، اسڪولن جي لا??ِ 5 ملين ڊالر، مسجدن جي لا??ِ 13 ملين ڊالر جا عطيا ڏنا. هن ٻڌايو ته سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ 11271 گهر تعمير ڪيا ويا، 9800 ماڻهو ان منصوبي مان فائدو ??ڻي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڏهاڪا پراڻا آهن ۽ وقت سان گڏوگڏ اهي لاڳاپا نئين سگهه اختيار ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو هر شهري سعودي عرب کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ڪنگ سلمان ??يو??نٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽ?? پاران شروع ڪيل ونٽر ريليف پراجيڪٽ سان بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺتي پيل علائقن جا مستحقين فائدو ??ڻندا. واضح رهي ته ڪنگ سلمان ??يو??نٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽ?? پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ شروع ڪئي وئي آهي جنهن تحت 29 هزار ڪٽس پٺتي پيل علائقن جي عوام ۾ ورهايون وينديون. ان پراجيڪٽ سان 2 لک 90 هزا?? غريب ماڻهو فائدو ??ڻندا.
سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ م گڏيل عقيدي تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : apostas quina