اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترقياتي حصيدارن ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ نظراندز ڪي?? هڪ ارب معذور ماڻهن جي ٽيڪنالاجي مدد جي ذريعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ تعاون ڪري، معذور ماڻهن جي زندگين ۾ آساني آڻڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان ان معاملي تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن ۾ سڀني کان اڳيان آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ي معذوري سربراهه اجلاس جي ڏس ۾ مددگار ٽيڪنالاجي (اي ٽي) کي متحرڪ ڪرڻ جي موضوع تي تقريب کي و??چو??ل خطاب ڪندي ڪي?? جنهن جو ايڊ اسڪيل گلوبل پارٽنرشپ فار اسسٽيو ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي عالمي اداري جي تعاون سان ڪي?? هو. ڊبليو ايڇ او پاڪستان صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي و??چو??ل خطاب لاءِ اهتمام ڪي?? هو. ان تقريب جو مقصد عالمي ايجنڊا تي مدگار ٽيڪنالاجي جي پهچ ۾ اضافي جي اهميت جي وڪالت ڪرڻ هو، شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف عوي چيو ته 90 سيڪڙو گڏيل معذوري جي ماڻهن جي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پهچ نه آهي، انهن ??اڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ مددگار ٽيڪنالاجي تائين انهن جي پهچ ۾ بهتري اهم معاملو آهي. هن چيو ته هو ۽ سندس گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي معذور ماڻهن جي مسئلن ۽ حقن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دنيا کي معذور ماڻهن جي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۾ بهتري لاءِ پاليسي سازي ۽ عزم جي ضرورت آهي، انهن کي نظرانداز ڪي?? ويندو آهي ۽ ڪجهه وقت کين عينڪ جهڙين سادين شين جي ضرورت هوندي آهي، آسان مددگار ٽيڪنالاجي جي ذريعي معذور ماڻهن کي مدد فراهم ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته پاڪستان ان معاملي تي عالمي برادري جو ڌيان ڏيارڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن ۾ سڀني کان اڳيان آهي. پاڪستان 15 سال اڳ معذور ماڻهن جي حقن بابت ڪنوينشن تي صحيحون ڪي??ن آهن ۽ هي صحت جي عالمي اداري جي ايگزيڪٽو بورڊ ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ ان معاملي کي شامل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. مستقبل ۾ ان تي تفصيلي بحث ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان معذور ماڻهن تائين پهچ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ احساس پروگرام جي ذريعي کين امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته صحت جي عالمي اداري جي ريپڊ اسسمنٽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي پاڪستان پنهنجي پوري نه ٿيندڙ ضرورتن ۽ وسيلن ۾ فرق جو جائزو ورتو آهي ۽ ان فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪي??ن وينديون. صدر چيو ته 21 هين صدي ۾ دنيا کي هڪ ارب معذور ماڻهن جي ضرورتن کي ڏسڻ گهرجي جنهن کي نظرانداز ڪي?? ويو ۽ انهن جي ٽيڪنالاجي جي بنياد تي مدد جي ضرورت آهي. هن ??عذور ماڻهن جي ضرورتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۾ بهتري لاءِ اي ٽي اسڪيل ۽ صحت جي عالمي اداري جي ڪوششن کي ساراهيو.
واضح رهي ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي سطح تي اي ٽي جي ايجنڊا کي پکيڙڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪي?? آهي، پاڪستان ڊبليو ايڇ او سان سه??ار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن اي ٽي تي عالمي ۽ علائقائي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪي??. 69 هين عالمي صحت اسيمبلي جنيوا جي دوران مددگار مصنوعات جي فهرست جاري ڪئي، اوڀر بحيره روم ۾ 22 ملڪن لاءِ علائقائي اسٽريٽجڪ اي ٽي فريم ورڪ تيار ڪي??، ريپڊ اي ٽي اسسمنٽ سروي ڪرايو ۽ اي ٽي بابت اسلام آباد پڌرنامو پيش ڪي??.