اس??ام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان اخلاق جي تعمير جي موضوع تي جمعي جو خطبو معمول موجب سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو. هن چيو ته زندگي جي هر رخ جي لحاظ کان حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مبارڪ ۽ تعليمات اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، بهترين اخلاق معاشري جو حسن هوندو آهي جنهن معاشري ۾ رويي ۽ هڪ ٻئي سان سلوڪ بهتر هجي اهو ئي معاشرو دنيا ۾ عزت ۽ وقار جو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اس??ام جي تاريخ اخلاق حسنه جي مثالن سان ڀري پئي آهي، هن هجرت حبثه جو تاريخي حو??لو ڏنو ۽ چيو ته مسلمان پناهگيرن جي اخلاق جي ڪري اتي ان لاءِ عزت، احترام ۽ همدردي جا جذبا پيدا ٿيا آهن، اس??ام جي ڇپج?? جي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلمان ديانت، امانت، سچائي، تعاون ، ايثار ۽ انساني احترام جي روين کي فروغ ڏنو، هن عيبن جي پرده پوشي ڪرڻ ۽ ٻين کي خراب نالن سان پڪار?? جي مخالف جي باري ۾ اسلامي تعليمات تي روشني وڌي. هن بدگمانين سان گڏوگڏ غيبت کان بچ?? جي تلقين ڪئي ۽ چيو ته ان حوالي سان دين اس??ام ۾ واضح هدايتون آهن، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اخلاق حسنه رکندڙ معاشرو جوڙي اسان پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ باوقار ملڪ بڻائي سگهون ٿا، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسل?? شروع ڪيو ويو آهي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان اخلاق جي تعمير جي موضوع تي جمعي جو خطبو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ