اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات ج?? صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ٿي. گڏيل عرب امارات ج?? صدر 2 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ بلين آمريڪي ڊالر اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپن کي وڌيڪ م??تحڪم بڻائڻ جي ل??ءِ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باقاعده ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي ج?? صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏني، جنهن تي هن رضامندي ظاهر ڪئي، دوري جي تاريخن جو فيصلو سفارتي ذريعي ڪ??و ويندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر ٻطرفن لاڳاپن ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت