اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني قوم، سيڪيورٽي فورسز ۽ فوج دهشتگردي جو جهڙي طرح مقابلو دنيا ۾ ان جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ پوليس لائينز ڌماڪي جي ز??مي?? جي عيادت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي جي ز??مي?? جي احوال بابت طبي عملي ۽ انتظاميا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ز??مي?? سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. هن ڌماڪي ۾ بچي ويندڙ وا??د عورت زخمي جي به عيادت ڪئي ۽ واقعي ۾ عورت جي خاندان جي ماڻهن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر ز??مي?? کي ملندڙ طبي امداد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس ڌماڪو هڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ ڪڌو واقعو هو. هن چيو ته دهشتگردي جو ملڪ ۾ مڪمل خاتمو آڻينداسين ۽ حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. هن جو چوڻ هو ته منهنجي اچڻ ۾ دير جو سبب امدادي سرگرمين ۾ خلل جو سبب نه بڻجڻ آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهيون ۽ ز??مي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. صدر چيو ته حڪومت، انتظاميا ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال پاران ز??مي?? کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جن ماڻهن ڌماڪي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو انهن جي نقصان جو ازالو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت پاران شهيدن جي پون??ير?? ۽ ز??مي?? جي لاءِ امداد خوش آئنده آهي.
پاڪستاني قوم، سيڪيورٽي فورسز ۽ فوج دهشتگردي جو جهڙي طرح مقابلو دنيا ۾ ان جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina