اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آم??يڪ?? جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي، هن آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏنو ته اها ڪ??ميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪ??ي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي سينيٽ ۾ اڪثريتي اڳواڻ سينيٽر چڪ شومر جي قيادت ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ آمريڪي سينيٽ جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ سينيٽر ماريا ڪينٽ ويل، ايمي ڪلوبوچر، گيري پيٽرز، ڪيٿرين ڪورٽيز ۽ پيٽر ويلچ شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ آم??يڪ?? جي وچ ۾ پراڻي تعاون جي اهميت ۽ ان حصيداري کي مضبوط ۽ گهڻ رخو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني مٽاسٽا سياسي سطح تي هڪ ٻئي جي موقف کي سمجهڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ آم??يڪ?? جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپن جا 75 سال پورا ٿيا، اهو سفارتي سنگ ميل پاڪ آم??يڪ?? ٻط??فن لاڳاپن جي مستقبل جي حڪمت عملي جو??ڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پل جو ڪردار ادا ڪ??ي رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان جي عوام سان تعاون ۽ يڪجهتي تي آم??يڪ?? جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ ا??غا??ستان جي صورتحال، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي ۽ اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏنو ته اها ڪ??ميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪ??ي. سينيٽر شومر وفد پاران وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي وسيع تر تعاون جي ذريعي مختلف رخن ۾ پاڪ آم??يڪ?? ٻط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو.
پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڀائتي ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر