راولپنڊي-15 مئي (اي پي پي) خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس سياسي محرڪ رکندڙ وڳوڙين طرفان ??اهيون ڏيڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستان ??رمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائيل ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو عزم ورجايو آهي ۽ چيو آهي ته ناقابل ترديد شاهدين جي بنياد تي پاڪ فوج انهن حملن جي منصوباسازن، اڪسائيندڙن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ سمورن جو??بدارن کان چڱي ريت آگاهه آهي، امن امان ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي لوهي هٿن سان چٿيون ويندو. موجوده حالتن جي روشني ۾ خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي. فورم جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته آرمي جي رينڪ ۽ فائل ۾ عسڪري ٺڪاڻن کي نقصان پهچائڻ، باهيون ڏيڻ تي شديد ڪاوڙ ڏٺي پئي وڃي، پاڪ فوج جي سڌ سماءُ واري شعبي طرفان ??اري بيان موجب خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ناقابل ترديد شاهدين جي بنيادن تي پاڪ فوج انهن حملن جي منصوباسازن، اڪسائيندڙن ۽ ان ??ي حوصلا افزائي ڪندڙ سمورن جو??بدارن کان چڱي ريت آگاهه آهي، ڪور ڪمانڊرز فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙ ماڻهن کي پاڪستان ??رمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائيل جي ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي.ڪانفرنس ۾ گذريل ڏينهن دوران ??من امان ??ي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جيڪو لاڳاپيل سياسي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪئي وئي. ڪور ڪمانڊرز ان ??زم جو پڻ اظهار ڪيو ته ڪنهن به ڌر طرفان ??من جي قيام لاءِ رڪاوٽون وجهندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. بريفنگ دوران فورم کي آگاهه ڪيو ويو ته شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، تاريخي عمارتن کي باهيون ڏيڻ ۽ فوجي ٺڪاڻن جي ڀڃ ڊاهه تي ٻڌل هڪ جامع منصوبي تي عملدرآمد ڪيو ويو ته جيئن اداري جي بدنامي ٿي سگهي، جڏهن ته اهو سمورو عمل سياسي محرڪن جي حامل ايجنڊا جي حاصلات لاءِ هو. آرمي چيف ان ??ڄي معاملي تي فوجي فارميشنز طرفان ??حمل ۽ پختي رد عمل کي ساراهيو. فورم واضح ڪيو ته ڪنهن به ايجنڊا تحت فوجي ٺڪاڻن ۽ هنڌن تي حملا ڪندڙن خلاف ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهي طور تي اسپانسر ٿيل ۽ اندورني سهولت يافته ڌرين جي منظم پروپيگنڊا تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته شرمناڪ پروپيگنڊا جو مقصد هٿياربند فوج ۽ پاڪستان ??ي عوام وچ ۾ وڇوٽيون جڏهن ته هٿياربند فوج جي رينڪ رينڊ فائل جي اندر ڏار پيدا ڪرڻ آهي، فورم جو چوڻ هو ته دشمن قوتن جي ناپاڪ پروپيگنڊا کي عوام جي حمايت سان ??ڪست ڏني ويندي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ان ??زم جو به ورجاءُ ڪيو ته پاڪ فوج عوام جي ڀرپور حمايت سان پاڪستان ??ي دشمنن جي اهڙن سمورن ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي. فورم موجوده غير مستحڪم سياسي صورتحال ۾ قومي سطح تي سمورن اسٽيڪ هو??ڊرز سان ??تفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن عوام کي اعتماد، معاشي ترقي ۽ جمهوري نظام کي هٿي ڏئي سگهجي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان ??ي شهيدن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جنهن دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ وطن جي دفاع ۽ هن قوم تي پنهنجيون جانيون نڇاور ڪيون. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ بلوچستان ۾ مسلم باغ تي حملي جو ڀرپور جو??ب ڏيڻ ۽ شهيد ٿيل جو??نن جي عظيم قربانين کي ب?? ز??ردست خراج تحسين پيش ڪيو.
سياسي محرڪ رکندڙ وڳوڙين طرفان باهيون ڏيڻ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا مذمت جوڳا آهن، ملوث ماڻهن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائيل ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن