اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽس يونيورسٽي پاران داخلا ملتوي ڪرڻ جي خلاف شاگرد جي اپيل منظور ڪندي يونيورسٽي کي شاگرد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چ??و ته ڪامسٽس يونيورسٽي شاگرد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏي. يونيورسٽي 7 سيمسٽر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شاگرد جي داخلا ملتوي ڪري ڇڏي هئي. ??فص??ل موجب حم??د بن زين جي داخلا 2017ع ۾ گهٽ نمبر حاصل ڪرڻ جي بنياد تي ساڍا 3 سالن کانپوءِ ملتوي ڪئي وئي. صدر چ??و ته حيرت جي ڳالهه آهي ته يونيورسٽي ايتري وڏي غلطي ڪئي، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ساڍا 3 سالن کانپوءِ شاگرد کي ٻڌا??و ته هو داخلا جو اهل نه آهي. صدر چ??و ته شاگرد 8 سيمسٽرن جي فيس ادا ڪئي ۽ 7 سيمسٽر مڪمل ڪيا، شاگرد جي غلطي نه هجڻ جي باوجود ان جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته انصاف جي گهرج آهي ته شاگرد کي ڊگري پروگرام مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ??فص??ل موجب حم??د بن زين (شڪايت ڪندڙ) وفا??ي محتسب کي ڪامسٽس جي خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، شاگرد موقف اختيار ڪ??و ته اهليت جو معيار جانچڻ يونيورسٽي جي ذميواري آهي. شاگرد جو موقف هو ته جيڪڏهن هو گهربل معيار تي پورو نه لهندو هو ته 2017ع ۾ ان کي داخلا ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. وفا??ي محتسب يونيورسٽي کي رڳو معاملي جي انڪوائري ڪرڻ ۽ قصوروار اهلڪارن کي غلفت جو ذميوار قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ريليف نه ملڻ تي شاگرد وفا??ي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جنهن تي صدر شاگرد جي اپيل منظور ڪندي وفا??ي محتسب جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. صدر چ??و ته شاگرد پنهنجي ڊگري پروگرام جا ساڍا 3 سال مڪمل ڪري چڪو آهي، شاگرد تي غلط بياني جو ڪو الزام نه آهي، ان کي يونيورسٽي انتظاميا جي غفلت جو خميازو ڀوڳڻ نه گهرجي، داخلا ملتوي ٿيڻ سان شاگرد جو وقت، پئسو ۽ محنت ضايع ٿيندي. هن چ??و ته يونيورسٽي حم??د بن زين جي داخلا بحال ڪري، محتسب کي تعميل جي رپورٽ ڏي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ڪامسٽس يونيورسٽي پاران داخلا ملتوي ڪرڻ جي خلاف شاگرد جي اپيل منظور
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria