اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ??رن?? شير ??ان شهيد (نشان حيدر) کي ان جي 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم ڪيپٽن ??رن?? شير ??ان شهيد سميت پنهنجي سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ??رن?? شير ??ان شهيد پاڪستان جو اهو بهادر فرزند آهي جنهن جي جرئت، دليري ۽ شجاعت جو اعتراف پاڻ دشمن ڪيو. 17 هزار فٽ جي بلندي تي ڪلتري واري جڳهه تي ملڪ جي دفاع جو حق مثالي فرض شناسي سان ادا ڪيو ۽ پنهنجي جان پاڪ زمين تي قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڪيپٽن ??رن?? شير ??ان پنهنجي نالي وانگر شير بڻجي دشمن کي للڪاريو ۽ ملڪ جي سرحدن تان حملي آور دشمنن کي ماري ڀڄايو. ڪيپٽن ??رن?? شير ??ان پنهنجي جانبازن سان گڏ دشمنن جي مقابلي ۾ انگ گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان جي سرحدن جو دفاع ڪيو. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي سدائين ٿورائتي رهندي ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي رهندي. هن چيو ته 9 مئي تي ڪيپٽن ??رن?? شير ??ان سميت ٻين شهيدن جي يادگارن ۽ مجسمن جي بي حرمتي ڪري ندا??ت جي ڪاري تاريخ لکي وئي، نوجوان نسل خا?? طور تي پنهنجي شهيدن جي عظيم قربانين، بهادري ۽ انهن جي وطن سان لازوال محبت کا?? مڪمل آگاهي حاصل ڪري. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي واقعن سان دنيا خا?? طور تي دشمنن کي اهو پيغام ويو ته اسان پنهنجي شهيدن جي عزت نه ٿا ڪريون، جنهن شهيد ملڪ جو دفاع ڪندي جان قربان ڪري ڇڏي ان جي حرمت ۽ ناموس جي حفاظت سڄي قوم ڪندي ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيندي. هن چيو ته ڪيپٽن ??رن?? شير ??ان شهيد خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ پهريون نشان حيدر ماڻيندڙ آهي، الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي.
قوم ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد سميت پنهنجي سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت