اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هُو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ عالمي برادري پناهگيرن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو. اهو ڏينهن ڪشميرين جي مصيبتن جي ياد ڏياري ٿو جن کي پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري جلاوطني جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آه??. ه?? چيو ته ڪشميرين کي ??شدد، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڄمون ۽ ڪشمير جا هزارين ماڻهو بي گهر زندگي گذاري رهيا آهن ۽ پنهنجي وطن واپس وڃڻ کان قاصر آهن. تر??ما?? چيو ته ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف، ظلم ۽ ڏاڍ جي ماحول کي ??تم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام جي زندگين ۾ امن آڻڻ گهرجي.
پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea