برسلز – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين پارلياماني تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ان حوالي سان مفاهمت پر??يهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ر??ان?? کر ۽ يورپي يونين ڏکڻ ايشيا بابت وفد جي ملڪن سان لاڳاپن جي سربراهه نڪولا پروڪاسيني جي وچ ۾ برسلز ۾ ملاقات دوران طئي ٿي. پر??يهي آفيس پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير حنا ر??ان?? کر زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام عالمي امن جي لاءِ لازمي آهي، مملڪتي وزير ڏکڻ ايشيا بابت ٽريڊ ما??يٽرنگ جي نمائندي ۽ انساني حقن جي سب ڪميٽي جي ميمبر ڪراميڪس سان پڻ نتيجاخيز خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ۽ نئين جي ايس پي پلس جي نمائندي هيڊي بائوتالا س??ن پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جي ايس پي پلس پائيدار ترقي جي هدفن جي لاءِ هڪ موثر ذريعو آهي. ان جو پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپار خاص طور تي نوڪرين جي موقعن، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٺوس ترقي تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو. حنا ر??ان?? کر انٽرنيشنل ٽريڊ ڪميٽي جي سربراهه برنڊ لينج سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ پاڪستان جي موقف تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انساني حقن جي ذيلي ڪميٽي جي وائيس چيئرمين يورپي پارليامينٽ برنارڊ گوئٽا س??ن ملاقات ۾ مملڪتي وزير کيس ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين بابت آگاهه ڪيو ۽ يوڪرين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ يورپي يونين پارلياماني پاران تعاون وڌائڻ تي اتفاق، مملڪتي وزير حنا رباني جون يورپي يونين جي عهديدارن سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ