ا??لا?? آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ا??لا??ي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر تي ا??لا??ي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي افيس پاران جاري تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گهري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ا??لا??ي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪ??يون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جون دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ا??لا??ي جمهوريه ايران جي عوام سان گڏ آهن ۽ سوڳ جي هن گهڙيءَ ۾ اسان پنهنجي ايراني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??يون ٿا. بيان موجب صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان قابل احترام اڳواڻ هئا، انهن جي پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، انهن اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جاري بيان ۾ چيو ته ا??لا??ي جمهوريه پاڪستان ايران سان دوستي ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے