راولپنڊي -03 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 03 ڪاررواين ۾ 06 ڪلوگرام منشيا?? هٿ ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي. اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي مان جاري تفصيلن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي ??اتمي بابت ڪارروائي دوران 6 ڪلوگرام منشيا?? هٿ ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پهرين ڪارروائي ڄامشورو بس اڏي ويجهو جوابدار وٽان 03 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ٻي ڪارروائي ڪلفٽن ڪراچي ۾ ڪئي ??ئي جتان 03 جوابدارن کي گرفتار ڪري 02 ڪلوگرام چرس جڏهن ته ٽئين ڪارروائي مانوالا اسٽاپ لاهور جي ويجهو ڪئي ??ئي جتي هڪ عورت وٽان هڪ ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو يوي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ