اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) گ??رو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پروٽيڪٽيڊ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊيٽا طلب ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وفاقي گ??رو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ گ??رو وزارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو. محسن نقوي پروٽيڪٽڊ صارفين کي نان پروٽيڪٽڊ ڪيٽگري ۾ شامل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايف آءِ اي جي سم??رن ڊائريڪٽرز کي ڊسڪوز جي ڊيٽا کي چيڪ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن 3 ڏينهن ۾ ايف آءِ اي ڊائريڪٽرز کي سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. گ??رو وزير چيو ته سڀني شاهدين جي جامع رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي، پروٽيڪٽيڊ صارفين سان ناانصافي جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي. محسن قوي ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي نارٿ کي پشاور، لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد پاڻ وڃي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ ڊيٽا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شاهدين جو جائزو وٺي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اوور بلنگ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. ايف آءِ اي اختيارين اوور بلنگ تي بريفنگ ڏني. گ??رو وفاقي سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر، ايڊيشنل گ??رو سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي نارٿ ۽ لاڳاپيل اختيارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايف آءِ اي جا سمورا ڊائريڪٽرز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس، پروٽيڪٽيڊ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊيٽا طلب
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز