اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يو آهي ته پاڪستان والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي جنگ ۾ حمايت ??ار?? رکندو. پاڪستان پنهنجو قومي فرض سمجهندي ڪشميري عوام کي انصاف جي فراهمي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندو رهندو. اهي ڳالهيون هن برلن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ”يوم استحصال ڪشمير“ جي موقعي تي والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي طور منعقد ويبينار کي ويڊيو لنڪ وسيلي پنهنجي خطاب دوران ڪيون. وفاقي وزير ??يو ته ڀارت ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هڪ طرفين ڪارروائين جي شروعات ڪئي. انهن ڪارروائين جو مقصد ڪشميري عوام کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ کين پنهنجي ئي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ آهي. هن ??يو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ڪشمير ان جي سرزمين جو هڪ غير تڪراري حصو آهي، پر اهو ڀارت ئي هو جيڪو ڄ??ون ڪشمير جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو. سلامتي ڪائونسل ۾ ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو. هن ??يو ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، بلڪه انساني حقن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل اصولن جو مذاق آهي. هن ??يو ته والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام ڀارت جي غيرقانوني ۽ غاصباڻي قبضي خلاف لازوال ??رب??نيون ڏئي رهيو آهي. وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي جنگ ۾ حمايت ??ار?? رکندو. پاڪستان حڪومت ڪشميري عوام جي حمايت جي لاءِ متفقه ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ هندو پرست حڪومت جي انتهاپسنداڻن ارادن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. هن ??يو ته پاڪستان پنهنجو قومي فرض سمجهندي ڪشميري عوام کي انصاف جي فراهمي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندو رهندو. هن ??يو ته اسان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته اسان سندن آواز هر فورم تي ان وقت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ان مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وفاقي وزير ??يو ته عالمي برادري جي ذميداري آهي ته ڀارت مٿان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ والاريل ڄمون ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين هڪ طرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀري. ويبينار کي برلن ۾ پاڪستاني سفير ثقلين سيده، لارڊ ??رب??ن حسين، پرشين سوسائٽي برلن جي اعزازي صدر وولڪر تسپڪي، ڪشميري اڳواڻن شميم شال، وشال ملڪ، الطاف حسين واني ۽ علي رضا سيد پڻ خطاب ڪيو ۽ ڀارت جي والار هيٺ ڄمون ڪشمير جي سنگين صورتحال تي روشني وڌي.
پاڪستان والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خود اراديت واري جنگ ۾ حمايت جاري رکندو: سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino