اسلام آبا?? – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن ??قوي سان آس??ريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ بارڊر مينيجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ سهڪار وڌائڻ، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آس??ريلين ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسلام آباد ۽ ڪينبرا ۽ پسگردائي وارن علائقن تي ٻڌل آس??ريلين ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير محسن ??قوي گهرو وزارت اچڻ تي آس??ريلوي هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن ??قوي چيو ته پاڪستاني ٽيم 30 آڪٽوبر تي آس??ريليا ج?? دوري تي رواني ٿيندي، اميد آهي ته ان دور?? دوران ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀرپور راند ڏسڻ لاءِ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عورت رانديگرياڻين کي بگ بيش لاءِ اين او سي جاري ڪئي ويندي.آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر خاطري ڪرائي ته آس??ريليا ٽريننگ، عورتن ۽ نابين ماڻهن جي ڪرڪيٽ ۾ سهڪار ڪندو. آس??ريلوي هاءِ ڪمشنر گهرو وزير محسن ??قوي کي آس??ريلوي ٽيم جون صحيحيون ڪيل ڪرڪيٽ بيٽ پڻ پيش ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن ??قوي آس??ريلوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته بارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پوري ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا آس??ريليا سميت سمورن ملڪن ڏانهن ٿيل انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي صلاحيتن ۾ اضافي تي پڻ ڪم ڪ??و پيو وڃي. آس??ريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان آس??ريليا جي بارڊر مينيجمينٽ جي طريقن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، وفاقي گهرو وزير آس??ريلوي هاءِ ڪمشنر جي آڇ جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ڊسمبر ۾ آس??ريليا ۾ منعقد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن ??قوي چيو ته افغان پناهگيرن جي آس??ريليا منتقلي ۾ پاڪستان هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، اسلام آباد ۽ آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ