اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ روس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ گ??ڻ رخي فورمز تي رابطاڪاري جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته روسي فيڊريشن جي وزيراعظم ميخائل مشوستن سان انتهائي اهم ملاقات ٿي، اسان واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ??ي ڌيان ??يندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ روس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسان ??ڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گ??ڻ رخي فورمز تي رابطاڪاري جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ