اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? سينيٽر محمد اسحاق ڊار حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته ريڊ زون جي سيڪيور??ي کي يقيني بڻايو ويندو، حڪومت هڪ نئون قانون ”پيس فل اسيمبلي اينڊ پبلڪ آرڊر ايڪٽ 2024ع“ لاڳو ڪيو آهي جنهن تحت ريڊ زون ۾ احتجاجي مظاهرن تي پابندي هنئي وئ?? آهي ۽ ڪنهن به عوامي ميڙ جي لاءِ مئجسٽريٽ کان اجازت گهربل هوندي. نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? سفارتي ڪور جي ميمبرن کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي مظآهرين جي ڪري پيدا ٿيندڙ تازي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي ريڊ زون ۾ ڪنهن به احتجاجي جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، عدالتي فيصلي جي تعميل ۾ حڪومت گهرو ??زي?? محسن نقوي کي پارٽي سان رابطي جو ٽاسڪ ڏنو هو پر ڪ??شش??ن ناڪام رهيون. نائب ??زي??اعظم چيو ته وفاقي حڪومت سدائين ريڊ زون جي سيڪيور??ي کي ترجيح ڏن?? آهي جنهن ۾ پارليامينٽ هائوس، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، وفاقي ادارا ۽ سفارتي ڪور موجود آهن. محمد اسحاق ڊار سفارتڪارن کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ 24 نومبر تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪو بيلاروس جي صدر جي دوري جي موقعي تي ئي هو. هن چيو ته اهو پي ٽي آءِ جي اهم تاريخن تي مظاهرن کي شيڊيول ڪرڻ جي ماضي جي خراب طرز عمل سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. نائب ??زي??اعظم چيو ته تازو ئي ايس سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي پارٽي احتجاج ڪيو جڏهن ته 2014ع ۾ ان جي احتجاج جي ڪري چيني صدر جو پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيو هو. هن ياد ڏياريو ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي جي 35 سيشن تي ڌانڌلي جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو هو جيڪو 2014ع جي ڌرڻي جو بنيادي سبب هو، حڪومت سان لکت واري معاهدي ۾ ائين ڪرڻ جو وچن ڪرڻ جي باوجود پارٽي ڪڏهن به معافي نه ورتي. نائب ??زي??اعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته حڪومت پاران سنگجاڻي ۾ متبادل احتجاجي جڳهه جي آڇ جي باوجود پي ٽي آءِ ضد ڪري ريڊ زون ۾ مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته آزادين ۽ انساني حقن کي اهڙن طريقن سان استعمال نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان لاقانونيت پيدا ٿئي ۽ پاڪستانين ۽ سفارتي ڪور جي جان ۽ مال کي خطرو ٿئي. نائب ??زي??اعظم چيو ته حڪومت تحمل جو مظاهرو ڪيو ڇو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رڳو واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس سان ليس هئي، گولا بارود سان نه. هن چيو ته ڊپلوميٽڪ انڪليو، پارليامينٽ هائوس، ??زي??اعظم هائوس ۽ ٻين اهم عمارتن جي حفاظت جي لاءِ فوج سان گڏ پوليس ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو ويو هو. محمد اسحاق ڊار خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت پاران وفاقي گادي واري شهر ۾ مارچ ڪرڻ جي لاءِ عوامي وسيلن جو استعمال ڪرڻ جي قانوني حيثيت تي پڻ سوال اٿاريو ۽ چيو ته ڪنهن به وفاقي ڌُرين کي ائين ڪرڻ جو حق حاصل نه آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ريڊ زون جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste