پيانگ يانگ-31 آڪٽوبر(اي پي پي) اتر ڪوري?? نومبر ۾ بين البراعظم بيليسٽڪ ميزائل (آئي سي بي ايم ) لانچ ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي دفاعي اطلاعات ايجنسي (ڊي آئي اي ) جي آفيسرن قومي اسمبلي ۾ پارلياماني ميمبرن کي بريف??گ ڏني. بريفنگ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا جي ميمبرن ميڊيا کي ٻڌايو ته ??تر ڪوري?? نومبر ۾ ميزائل تجربو ڪري ??گه?? ٿو. 5 نومبر تي آمريڪي چونڊن کان اڳ يا بعد ۾ پنگي – آري سائيٽ مان آئي سي بي ايم ڇڏي ??گه?? ٿي. پارلياماني ميمبر ٻڌايو ته ??ياريون مڪمل آهن ۽ موبائل لانچر مخصوص علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ حڪومت پاران ان لانچ جو مقصد اهو آهي ته ??يئن هُو ميزائل جي تجربن سان ٻيهر پنهنجي ٽيڪنالاجي جي آزمائش ڪري ??گه??. جاپاني خابرو ايجنسي ٻڌايو ته نئين آزمائش جو وقت اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان پاران طئي ڪيو ويندو، 5500 ڪلوميٽرن کان مٿي مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جي بين البراعظمي طور درجه بندي ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي پهرين حصي ۾ ايٽمي تجربن لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ هاڻي تائين پنگي آرسائيٽ مان 2006ع ، 2009ع ، 2013ع ، 2017ع ۾ هڪ ۽ 2016ع ۾ ٻه ايٽمي تجربا ڪيا.
اتر ڪوريا پاران بين البراعظم بيليسٽڪ ميزائل جي تجربي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ