اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي، ملڪ صحيح رخ ۾ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جمهوري عمل جي تسلسل سان ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، گئس ۽ بجلي جي کوٽ جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن اهو ئي سبب آهي جو گهٽ ٿيندڙ اقتصادي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اه??ن خيالن جو اظهار وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪ??له?? آچر ڏينهن چترال گ??لن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي پهرين يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پهرين يونٽ جي افتتاح تي وزيراعظم سان گڏ چترال مان قومي اسيمبلي ميمبر شهزاده افتخارالدين، واپڊا چيئرمين سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبي جي مجموعي پيداواري صلاح??ت 108 ميگاواٽ آهي ۽ 36 ميگاواٽ جا ٽي يونٽ هنيا ويندا. پهريون يونٽ مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون يونٽ هلندڙ سال مارچ ۽ مئي 2018ع ۾ مڪمل ٿي ويندا.
ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔