اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيص?? ۽ ??قتي ا??پيڪر قاسم خان سوري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ سوسائٽي جي ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار مبارڪباد وارن پيغامن ۾ هنن نئين چونڊيل صدر سرمد علي، سينئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، سيڪري??ري جنرل نظافرين سهگل لاکاڻي، جوائنٽ سيڪري??ري محسن بلال، فنانس سيڪري??ري اويس خوشنود ۽ ٻين چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. هنن چيو ته انهن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي ا??تماد جو ثبوت آهي. اسپيڪ?? ۽ ??قتي ا??پيڪر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي ا??تحڪام جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل قيادت ملڪ ۾ جمهوريت جي ا??تحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.
اسد قيصر ۽ قاسم سوري پاران اي پي اين ايس جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا