اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن ??ان 31 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄ?? ملڪ ۾ 3 هزار 329 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 75 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 84 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 58 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 83 سيڪڙو، سوات ۾ 63 سيڪڙو، گجرات ۾ 73 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 816 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ??ان سنڌ ۾ 9 هزار 411، پنجاب ۾ 21 هزار 325، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 198، اسلام آباد ۾ 8 هزار 292، بلوچستان ۾ هڪ هزار 816، گلگت بلتستان ۾ 474، آزاد ??شم??ر ۾ هڪ هزار 65 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 ??ان صحتياب ٿ??ندڙن جو انگ 6 لک 23 هزار 399 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ??شم??ر ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 467 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 994 آهي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 5 هزار 517 آهي.
ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 98 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ