اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي لاءِ پنهنجو گهر پنهنجو خواب ممڪن بڻائي رهيو آهي، ??اريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 200 ارب روپين کان وڌيڪ قرض جو?? درخواستون مليون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ ??بيب چيو ته هن وقت تائين 78 ارب روپين جا قرض منظور جڏهن ته 18 ارب روپين جا قرض فرا??م ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ بئڪن کي قرض منظوري جو عمل وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فرخ ??بيب چيو ته گهٽ لاڳت وارن گهرن جي قرض لاءِ 57 هزار درخواستون مليون آهن جنهن مان 23 هزار درخواستون قرضن جي لاءِ منظور ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته باقي درخواستن جي منظوري جو عمل جاري آهي، مملڪتي وزير چيو ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن پاران گهرن جي لاءِ قرض درخواستن ۾ روزاني جي بينادن تي اضافو ٿي رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان عوام جي لاءِ پنهنجو گهر پنهنجو خواب ممڪن بڻائي رهيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت