فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته احساس ڪفالت پروگرام جي لاءِ 250 ارب ??وپيا رکيا ويا آهن ۽ 70 لک مستحق خاندانن ۾ 12 هزار روپيا ورهايا پيا وڃن، هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر اسپورٽس ڪامپليڪس ڊجڪوٽ روڊ ??يصل آباد جي دوري جي موقعي تي ڪيو جتي ڊويزنل ڊائريڪٽر احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر ڊاڪٽر فياض احمد کيس بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير سينٽر تي لاڳاپيل ماڻهن لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن ??يو ته احساس ڪفالت پروگرام ۾ هزارين جي تعداد ۾ ماڻهن جي رجسٽريشن ٿي رهي آهي، تنهن ??ري جيڪي ماڻهو هن وقت تائين رجسٽريشن ناهن ??رائي سگهيا اهي پنهنجي ويجهي نادرا سينٽر تي رجسٽريشن ڪرائين. هن ??يو ته ڄاڻايل پروگرام لاءِ 250 ارب ??وپيا رکيا ويا آهن ۽ 70 لک مستحق خاندانن ۾ 12 هزار روپيا ورهايا پيا وڃن. هن ??يو ته شهري 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر موڪلي احساس راشن پروگرام تحت رجسٽريشن ڪرائين ڇاڪاڻ جو جيڪي ماڻهو احساس ڪفالت لاءِ اهل آهن اهي ئي احساس راشن پروگرام جا به اهل هوندا جنهن جي ذريعي ماڻهن ??ي 30 سيڪڙو گهٽ اگهن تي اٽو، گيهه، داليون وغيره احساس راشن پروگرام لاءِ چونڊيل ڪريانه اسٽورن تي دستياب هونديون، فرخ حبيب چيو ته احساس راش پروگرام جي مد ۾ 112 ارب ??وپيا فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ هڪ سال ۾ 250 ارب ??وپيا احساس رجسٽريشن سينٽر جي مد ۾ امداد حڪ??مت فراهم ڪري چڪي آهي. هن ??يو ته احساس گريجوئيٽ لاءِ اسڪالرشپ لاءِ حڪ??مت 50 ارب ??وپيا ڏئي چڪي آهي، جنهن سان گڏوگڏ نوجوانن جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي فراهمي جاري آهي ته جيئن جن ماڻهن وٽ لاڀائتا خيال آهن هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن، هن ??يو ته احساس پروگرام تحت 34 پروگرام هلي رهيا آهن اهڙي طرح پنجاب ۾ صحت ڪارڊ لانچ ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ 400 ارب ??وپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ ڄاڻايل پروگرام تحت هر سال 10 لک روپين تائين پنهنجي پسند جي ڊاڪٽر کان پنهنجي پسند جي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهندا. هن ??يو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي جنهن سان پاڪستان به متاثر ٿيو پر موجوده حڪ??مت ??ام ماڻهو جو احساس ڪندي سوشل پروٽيڪشن جا پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن گهٽ امدني وارن ماڻهن ??ي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان مديني جي رياست طرف گامزن ۽ ??ام ماڻهو جي لاءِ احساس رکي ٿو تنهن ??ري غريب ماڻهو کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.
احساس ڪفالت پروگرام جي لاءِ 250 ارب روپيا رکيا ويا آهن ۽ 70 لک مستحق خاندانن ۾ 12 هزار روپيا ورهايا پيا وڃن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق