اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ عمومي نه آهي، حڪومت وٽ موجود ثبوتن مان واضح آهي ته بي اعتمادي رٿ عالمي س??زش جو حصو آهي، پاڪستان ۾ هارس ٽريڊنگ تي پوري قوم کي ڳڻتي آهي، سپريم ڪورٽ کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، وفاقي ڪابينا سڀاڻي سڀني قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي س??مهون بي اعتمادي رٿ جي حوالي س??ن ثبوت ر??ڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا ۽ قوم عمران خان جي پويان بيٺل آهي. هن چيو ته ڪالهوڪي فيصلي تي سپريم ڪورٽ کي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. رولنگ صحيح يا غل?? هجڻ لاءِ اهو مواد ڏسڻ ضروري آهي، جنهن جي بنياد تي اسپيڪر فيصلو ڏنو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هارس ٽريڊنگ تي سڄي قوم کي ڳڻتي آهي، هارس ٽريڊنگ جي ذريعي ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن چيو ته عدم اعتماد واري رٿ عمومي ناهي، وفاقي حڪومت جي س??مهون جيڪو مواد آهي ان مان واضح آهي ته بي اعتمادي رٿ عالمي س??زش تحت آندي وئي آهي، جنهن جي پويان ڪجهه وڏا مافياز آهن، هن چيو ته ڪابينا سڀاڻي سڀني قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي س??مهون بي اعتمادي رٿ جي حوالي س??ن ثبوت ر??ڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهي ثبوت ڏسڻ کانپوءِ به ڪو به بي اعتمادي رٿ طرف وڃڻ چاهي ٿو ته پوءِ فيصلو پاڪستان جي عوام ئي ڪندي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ان عالمي س??زش جي جاچ لاءِ لفيٽيننٽ جنرل (ر) طارق خان جي س??براهي ۾ ڪميشن جوڙي آهي اهو ڪميشن ان سڄي معاملي جي پويان ڪردارن ۽ معاملن جي جاچ ڪري حقيقتون عوام جي س??مهون آڻيندي. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ چيو آهي ته خط موجود ئي نه آهي، انهي لاءِ ڪميشن جي ٽي آر اوز ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن موجب اهو ڏسڻو آهي ته اهو خط موجود آهي يا نه، ڪميشن جاچ ڪندي ته ان خط ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي يا نه، ڪميشن اها به جاچ ڪندي ته عدم اعتماد واري رٿ جا مقامي هينڊلرز ڪير هئا، پوري مخالف ڌر ان سازش ۾ شريڪ نه آهي، ڪجهه مخصوص ماڻهن کي معلوم هيو ته اها سازش ڪٿان کان شروع ٿي
هارس ٽريڊنگ تي قوم کي ڳڻتي آهي، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت