ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي دو??ي جي موقعي تي هوائي اڏي تان سڌو ثمرقند ۾ حضرت خضر ڪمپليڪس ويو ۽ ازبڪستان جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ازبڪستان جي اعليٰ قيادت، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پ?? ان سان گڏ هو. وزيراعظم ازبڪستان جي باني اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. اٺين صديءَ ۾ تعمير ٿيندڙ مسجد خضر فن تعمير جو ??هت??ين شاهڪار آهي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دو??ي تي ثمرقند پهتو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دو??ي دو??ان وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان جدا جدا ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم روسي صدر ولاديمير پي??ٽن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا- شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد رجاپاروف سان پڻ جدا جدا ملاقات ڪندو. ان کانپوءِ وزيراعظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.
وزيراعظم جي حضرت خضر ڪمپليڪس جو دورو ۽ ازبڪستان جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب