جنيوا -04 آڪٽوبر (اي پي پي) موسم??ات?? تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان موسم??ات?? تبديلي کي جديد دور جو هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان ۾ موسم??ات?? تبديلي سبب وڏي پئماني ??ي تباهي ٿي آهي. حڪومت سمورا گه??بل وسيلا ڪتب آڻي متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي، متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ به قدم کڻڻا پوندا، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا اڳيان وڌي. اهڙو اظهار هن جنيوا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش 2022ع اپيل جي شروعاتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موسم??ات?? تبديلي ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسم??ات?? تبديلي جي اثرن ۾ اسريل ملڪن جي ذميواري وڌيڪ آهي، دنيا کي موسم??ات?? تبديلين جو چئلينج سامهون آهي، جديد دور جي مختلف چئلينجن مان موسميات تبديلي هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته موسم??ات?? تبديلي سبب پاڪستا?? تمام خراب ريت متاثر ٿيو آهي، هاڻوڪي ٻوڏ موسم??ات?? تبديلي جو هڪ واضح مثال آهي، پاڪستان ۾ وڏي پئماني ??ي ٻوڏ سبب تباهي ٿي آهي، جنهن جو شمار صدي جي سڀ کان وڏي آفت ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته ٻوڏ سبب 1700 کان وڌيڪ ح??ات??ون ضايع ٿي چڪيون آهن، هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني ??ي ماڻهن جي گهرن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، اسان اڃا به ريسڪيو ۽ رليف جي مرحلي ۾ آهيون، بوڏ متاثرن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي. حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ جي زراعت ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا به لکين ماڻهو امداد جا منتطر آهن. اڃا به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياري جي مند اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا کي اڳيان وڌڻو پوندو. حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، پاڪستان اڪيلي سر ٻوڏ جي تباهڪارين کي نٿو منهن ڏئي سگهي، موسم??ات?? تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم کنيا وڃن.
پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب ٻوڏ وڏي پئماني تي تباهي ڪئي، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا اڳيان وڌي: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena