اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪ??تا?? ۽ اي پي پي پشاور جي عمارتن ۽ آفيسن تي پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چي?? آهي ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آه??، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر سرڪاري نقصان پڻ وصول ڪنداسين، هي احتجاج نه فساد ۽ دهشتگردي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته جهڙي طرح پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪرايو ويو هو، اهڙي طرح عمران خان جي چوڻ تي اڄ ريڊيو پاڪ??تا?? ۽ اي پي پي جي آفيسن تي حملو ڪيو ويو. هن چ??و ته عورتن سميت سرڪاري عملي تي تشدد، ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچ??ئڻ دهشتگردي آهي. مريم اورنگزيب چي?? ته ڀارت خوش ٿي رهيو آهي ته ڪشمير تي خبرون هلائيندڙ ريڊيو کي عمران خان جي حامين باهه لڳائي ڇڏي، هي هر اهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان ڀارت ۾ شادمانا وڄايا وڃن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي آءِ جي هٿياربند فوج چاغي يادگار ۽ ريڊيو آڊيٽوريم کي باهه لڳائي جنهن سان انهن جي ذهني حالت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هن چ??و ته جهڙي طرح عمران خان ملڪ ۽ توشه خانه ڦريو، اهڙي طرح ان جا حامي سرڪاري عمارتن جو سامان ڦري ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪ??تا?? کي شرپسندن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪر??ئڻ جو چي?? آهي. شرپسندن سرڪاري نشريات به روڪر??ئڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تارون ڪٽي ڇڏيون جيڪو سنگين رياستي ڏوهه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آه??، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر سرڪاري نقصان به وصول ڪنداسين. هن چ??و ته هي احتجاج نه، فساد ۽ دهشتگردي آهي. هن چ??و ته لاهور ۾ قائداعظم جي گهر کي نشانو بڻائيندڙن کي چاغي جهڙي قومي يادگار، ريڊيو جهڙي رياستي عمارتن جي حساسيت ۽ عزت جو ڪو خيال نه آهي، پوري قوم ان ڪڌي دهشتگرداڻي رويي ۽ قدمن جي مذمت ڪري ٿي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي پشاور جي عمارتن ۽ آفيسن تي پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن جي حملن جي شديد مذمت، پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں