اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ايندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهب??ز شريف آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته توهان پاڪستان جي دوست ۽ خيرخواهه جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي عوام پاران توهان جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها بااعتماد دوست آهن، علائقائي ترقي ۽ امن جي لاءِ سريلنڪا جي ڪردار کي خ??اج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ايندا. سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا ۽ جو??بي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسان جو ويجهو دوست آهي، دوستن جي مدد ڪرڻ ئي دوستي آهي. سريلنڪا جي صدر وزيراعظم شهب??ز شريف جي مشڪل حالتن ۾ ڪوششن کي ساراهيو. سريلنڪا جي صدر آءِ ايم ايف معاهدو طئي ٿيڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته وزيراعظم شهب??ز شريف جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽڙ ڪرسٽلينا جارجيوا سان ملاقات جي موقعي تي سريلنڪا جي صدر زور ڏنو هو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي مدد ڪري. سريلنڪا جي صدر ايم ڊي آءِ ايم ايف کي چيو هو ته ڪنگال ٿيڻ جي ڪري سريلنڪا کي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻو پيو، پاڪستان کي ان صورتحال کان بچايو وڃي.
وزيراعظم آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa