اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان کي هر قسم جي حالتن ۾ گڏيل عرب امارات جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته وز??راعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي گذريل ڏينهن ??و اي اي جو سرڪاري دورو ڪيو، وز??راعظم صدر سان ٻطرفي ملاقات ڪئي ۽ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز، مصنوعي ذهانت، قابل تجديد توانائ?? ۽ ??ياحت جي شعبن ۾ تعاون ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ??ڌيڪ چيو ته ٻنهي اڳواڻن توانائي، پورٽ آپريشن پروجيڪٽس، گندي پاڻي جي صفائي، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، معدنيات ۽ بئ??ڪنگ ۽ مالياتي خدمتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون جي معاهدن جي بامعنيٰ لاڳو ڪ??ڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جن تي نومبر 2023ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون. ترجمان چيو ته وز??راعظم محمد شهباز شريف 22 مئي تي ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وز??ر حسين امير عبدالهيان ۽ سندن ساٿين جي شهادت تي تعزيت جي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران جو دورو ڪيو ۽ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ وقتي صدر محمد مخبر سان ملاقات ڪئ?? ۽ ??اڻن عوام ۽ پاڪستان حڪومت پاران تعزيت ڪئي.
گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو عزم ظاهر ڪيو آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais