اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ?? پاڪستاني سفير کي هدايت ڪئي آه?? ته هو عماني عملدارن ۽ مسقط ?? پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪيو وڃي. پرڏيهي وزارت پاران مسقط، عمان ۾ دهشتگرد حملي جي تازه ترين صورتحال جي حوالي سان جاري تفصيل موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار عمان ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طالب تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آه??. پرڏيهي وزير محرم جي مقدس مهيني ۾ دهشتگرد حملي ۽ مسلمانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آه??. نائب وزيراعظم عمان ?? پاڪستان جي سفير عمران علي سان ??يل??فون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي آه??. سفير عمران علي نائب وزيراعظم کي مسقط ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طالب تي گذريل رات جي حملي بابت بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سفير کي هدايت ڪئي ته هو عماني عمدارن ۽ مسقط ?? پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪري. هن هدايت ڪئي ته عمان جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ زخمين جي ڀلائي جو پڻ خيال رکيو وڃي.
پاڪستاني سفير عماني عملدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena