اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ابوظ??بي پورٽس س??ن معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪري ??ن مان ڀرپور لاڀ پرايو ويندو، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد مشينري س??ن بندرگاهه تي س??مان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظ??بي پورٽس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم عزيز خان وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ??ن موقعي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ابوظ??بي پورٽس پاڪستان ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندڙ 10 سالن دوران 250 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، 130 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري س??ن تعمير ٿيندڙ جديد ۽ سمورين ضروري سهولتن سان ليس گهڻ مقصد ٽرمينل ايندڙ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. وفد وزيراعظم کي ڪراچي بندرگاهه تي ڪنٽينر ٽرمينل جي سهولتن ۾ بهتري جي ل??ءِ ڪمپني جي سيڙپڪاري تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪنٽينر ٽرمينل جي منصوبي ۾ ايڪس ڪنٽرول، خودڪار گيٽس، برٿ ۾ وڌيڪ 200 ميٽر جي توسيع، ڪرين ريل ٽريڪ ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي تعمير شامل آهي، ٽرمينل تي نئين انفراسٽرڪچر جي تعمير سان هڪ لک 20 هزار ٽن تائين جا مال بردار جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا جنهن سان بندرگاهه تي معاشي س??گرمين ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد مشينري س??ن بندرگاهه تي س??مان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڪنٽينرز جي نظام کي بهتر ڪري ڪليئرنس جي ل??ءِ گهربل وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ابوظ??بي پورٽس س??ن معاهدي جو مقصد شفافيت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ پورٽ آپريشنز جي بهتري آهي، ابوظ??بي پورٽس س??ن معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي معاونت فراهم ڪري ??ن مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وزيراعظم ريلوي عملدارن کي منصوبي کي فعال بڻائڻ ۽ ٽرمينل تان سامان جي پهچ کي بهتر ڪرڻ جي ل??ءِ مال بردار بوگين ۽ ضروري رولنگ اسٽاڪ جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي.
ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪري ان مان ڀرپور لاڀ پرايو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا