اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته عورتن کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ کان ??واءِ گرين اڪانامي ۽ پائيدار ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، اميد آهي ته جينڊر ايمپاورمينٽ ۽ گرين اڪانامي جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس اسان ??ي ڪوششن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسپيڪر جاپان ??ي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سميت سمورن ڏيهي ۽ پرڏيهي نمائندن جي آجيان ڪن??ي چيو ته عورتون اسان ??ي آبادي جو هڪ وڏو حصو آهن، جن کي خودمختيار بڻائڻ کان ??واءِ گرين اڪانامي ۽ پائيدار ترقي جو هدف حاصل ??رڻ جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ??رڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان ??ي پارليامينٽ ان ??لسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان ??ي پارليامينٽ ۾ جينڊر مين اسٽريمنگ ڪميٽي جو قيام ملڪ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو. هن چيو ته عورتن خلاف اعتراض ج??ڳن لفظن جو استعمال قبولڻ جوڳو ناهي. موسمياتي تبديلين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو هڪ اهم عالمي مسئلو آهي، پاڪستان ??ڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هر سطح تي قدم کڻڻ جو سلسلو جاري آهي، گرين اڪانامي جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت طرفان ??لوچستان ۾ اربين روپين جي شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آهي جيڪو موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ هڪ اهم قدم آهي.هن چيو ته موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم کي ان ??هم مسئلي تي ريجنل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي اسپيڪر اميد ظاهر ڪئي ته اها ڪانفرنس اسان ??ي ڪوششن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
عورتن کي مڪمل طور بااختيار بڻائڻ کان سواءِ گرين اڪانامي ۽ پائيدار ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ڪانفرنس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج