اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل ??لر??مان سان س??دس رهائشگاهه تي ملاقا?? ڪئي. گهرو وزير، مولانا فضل ??لر??مان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس صحت جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪي پي ڪي خاص ڪري ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ مولانا فضل ??لر??مان امدادي شين جي قافلن جي پارا چنار آمد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ سمورين ڌُرين کي اعتماد ۾ ورتو آهي، ڪجهه ڌُريون ڄاڻي واڻي ڪرم معاملن کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتريءَ لاءِ گرينڊ جرڳي جي مخلصفاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل ??لر??مان سان پُراڻي نيازمندي آهي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ مولانا فضل ??لر??مان جو هاڪاري ڪردار تعريف جوڳو آهي.
گهرو وزير محسن نقوي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2