گڏيل قومون-19 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فل??طيني سرزمين تان اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان م??ظو?? ڪري ورتو آهي. ٺهراءَ جي حق ۾ 124 ووٽ مليا، 43 ملڪن راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو جڏهن ته اسرائيل، آمريڪا ۽ 12 ٻين ملڪن ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا، جنرل اسيمبلي ۾ اهو ٺهراءَ فل??طين، پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ ڏکڻ آفريقا سميت ڪيترن ئي ملڪ?? طرفان پيش ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسرائيل کان 12 مهينن اندر والاريل فل??طيني علائقي ۾ پنهنجي غير قانوني موجودگي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي ته والاريل فل??طيني علائقن ۾ غير قانوني يهودي وسندين ۾ پيدا ٿيل مصنوعات جي امپورٽ کي روڪڻ سان گڏوگڏ اسرائيل کي هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ ٻئي لاڳاپيل سامان جي فراهمي يا منتقلي کي روڪڻ لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن. ڄاڻايل ٺهراءُ فل??طين پاران اضافي حق ۽ مراعتون حاصل ڪرڻ کانپوءِ باضابطه طور تي پيش ڪيل پهريون ٺهراءُ ??هي?? ٺهراءَ تي راءِ شماري والاريل اوڀر بيت المقدس ۽ باقي والاريل فل??طيني علائقن ۾ اسرائيل قدمن تي غور لاءِ گهرايل جنرل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي اجلاس ۾ ٿي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران فلسطين جي سرزمين تان اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز